خيرپور ڀرسان نئين پرڻيل ڪنوار مائٽن سان ملي ڪري گهر ٻهاري وئي

0
1087
خيرپور ڀرسان نئين

خيرپور (ن پ ا) خيرپور ڀرسان نئين پرڻيل ڪنوارمائٽن سان ملي ڪري گهر ٻهاري وئي، ڏير عدالت پهچي ويو، ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي حڪم جي استدعا ڪري ڇڏي

 ڳوٺ سائين بخش شر جي رهواسي اڪرم شر طرفان خيرپور جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ڀاڄائي عظميٰ شر سان سندس مائٽ ملڻ آيا ۽ ڪنوار رات جو چانهن ٺاهي پياري ته گهرڀاتي مدهوش ٿي ويا

 صبح جو اٿياسين ته گهر ۾ مسمات عظميٰ ۽ سندس مائٽ عبدالعزيز، غفار، مسمات حبيب خاتون ۽ مسمات عظميٰ شر موجود نه هيا، گهر جي تلاشي دوران گهر مان قيمتي سامان، سونا زيور ۽ روڪ رقم غائب هئي

هن عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي

سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين دايو جي عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي الزام هيٺ آيل جوابدارن ۽ شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ طلب ڪري ورتو