ڇاڇرو: نوجوان فوت، ڊاڪٽرن پاران زهر ڏيڻ جو شڪ

0
105
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو شهر جي سودرا پاڙي جو رهواسي 22 سالن جو نوجوان ليکراج پٽ چاگلو ميگهواڙ رات دير سان گهر جي اگيان بيهوشي حالت ۾ هٿ آيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو رستي ۾ فوت ٿي ويو

پوليس لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي ڇاڇرو تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل نوجوان جي جسم ۾ لڳي رهيو آهي ته زهر کاڌل آهي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد تصديق ٿيندي

وارثن پوليس کي ٻڌايو آهي ته چار ڏينهن کان نوجوان اسلام ڪوٽ ۾ هو گذريل ڏينهن آيو هو