خيرپور واسي مغوي نئون ديروجي ڪچي مان بازياب

0
170

نئون ديرو (ن پ ا) خيرپور واسي مغوي نئون ديروجي ڪچي مان بازياب، خيرپور جي محمود ڦلپوٽو جو رھواسي زميندار علي محمد ڦلپوٽو شاھ حسين باءِ پاس وٽان ڪجهه ھفتا اڳ اغوا ٿيو ھو، پوليس آڏو مغوي بيان ڏنو ته 25 لک ڀنگ ڌاڙيلن گهريو ان وٽان ڀڃي نڪتو آھيان، ايس ايڇ او ڪيٽي ممتاز سڪندر لاکير ۽ ايس ايڇ او نئون ديرو امام الدين چانڊيو ٻڌايو ته مغوي ٻه مھينا اڳ اغوا ٿيو ھو، چوي پيو ڌاڙيلن کان ڀڄي نڪتو آھيان، ڌاڙيلن کائنس 25 لک ڀُنگ گهريو هو، خير پور جي ڪچي مان فرار ٿي درياءُ پار ڪري ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي مان اسان کي مليو آھي.