حيدرآباد: ٽرانسفارمر ڌماڪو، گرفتار ايڪسيئين ۽ ايل ايس رمانڊ تي پوليس حوالي

0
184
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد(ن پ ا) ٽرانسفارمر ڌماڪو، گرفتار ايڪسيئين ۽ ايل ايس عدالت ۾ پيش جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، رات دير سان اي سيڪشن پوليس ايڪسيئين لطيف آباد حيسڪو ظفر سولنگي ۽ رضوي سب ڊويزن جي لائين سپرينڊنٽ محمد سليم کي گرفتار ڪيو هو، موڪل جو ڏينهن هئڻ سبب پوليس ٻنهي عملدارن کي رمانڊ لاءِ اسپيشل ڊيوٽي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت پوليس کي استدعا ڪئي ته جوابدارن کان جاچ ڪرڻي آهي ان لاءِ سندن 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو وڃي، عدالت پوليس جي درخواست بعد جوابدارن کي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي 3 آگسٽ تي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.