خيرپورناٿن شاهه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاهه ۾ سينيئر سول جج ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر سرڪٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار گھنور خان گاڏهي ۽ ايڊوڪيٽ غلام سرور گاڏھي جو والد تر جو مشھور زميندار رئيس ديدار خان گاڏھي گمبٽ اسپتال ۾ دل جو دورو پوڻ سبب 65 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز ڳوٺ سلطان خان گاڏھي ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ وڪيلن سياسي سماجي مذھبي واپاري اڳواڻن سميت ڳوٺن جي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. مرحوم جي مڙھ کي ڪاڇي ۾ اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين جي موجودگي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ڳوٺ سلطان خان گاڏهي ۾ وڇايل تڏي تي پوئنرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي.