نيوسعيدآباد(ن پ ا)هالا برانچ شاخ ۾ نيوسعيدآباد جي پورهيت امير بخش ماڇي جو  10 سالن جو پٽ  بلاول مينهن سان گڏ  وهجندي اوچتو غوطا کائي ٻڏي ويو. جنهن جو لاش نه ملڻ تي ڊي ايس پي نيوسعيدآباد عطا محمد ڏاهري پاران ڀاڻوٺ مان محمد ملوڪ ملاح جي ٽوٻن جي ٽيم گهرائي وئي، جن ٽن ڪلاڪن جي ڳولا بعد نينگر جو لاش ڳولي ڪڍي ورتو، جيڪو تعلقي اسپتال نيوسعيدآباد آندو ويو. ڊاڪٽر سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.لاش جڏھن نيوسعيدآباد شھرجي وارڊ 02 ڀڏي محلي پهتو ته وڏي انگ ۾ شھري اتي پهچي ويا. والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا. جن کي طبي امداد ڏيئي هوش ۾ آندو ويو. شام دير سان سندس جنازي نماز ادا ڪئي ويئي. جنهن ۾ سوين ماڻھن شرڪت ڪئي ان بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.