خيرپور: مدي خارج ڪورونا وئڪسين لڳائڻ تي هڪ ڊاڪٽر ۽ ٻه ملازم نوڪرين مان برطرف

0
249
خيرپور: مدي خارج ڪورونا وئڪسين لڳائڻ تي هڪ ڊاڪٽر ۽ ٻه ملازم نوڪرين مان برطرف
خيرپور: مدي خارج ڪورونا وئڪسين لڳائڻ تي هڪ ڊاڪٽر ۽ ٻه ملازم نوڪرين مان برطرف

خيرپور (ن پ ا) پوليس ٽريننگ سينٽر خيرپور ۾ پوليس اهلڪارن کي مدي خارج ڪورونا وئڪسين لڳائڻ جي انڪشاف بعد صحت کاتي هڪ ڊاڪٽر ۽ ٻن ملازمن کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي

اهلڪارن کي مدي خارج ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي انڪشاف بعد ڪيل جاچ رپورٽ پڌري ٿيڻ کانپوءِ ڊي ايڇ او خيرپور ڊاڪٽر تسليم خميساڻي ڊاڪٽر امر لال، اسٽور ڪيپر خالد لطيف کي نوڪرين مان برطرف ڪيو، جنهن جي تصديق ڊي ايڇ او پڻ ڪئي

پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ صحت کاتي خيرپور پاران 170 اهلڪارن کي ويڪسين ڪئي وئي هئي

ڊي آءِ جي سکر طارق عباس قريشي جي حڪم تي غلام علي جماڻي جاچ رپورٽ ۾ ٻن ڊاڪٽرن ۽ ٻن صحت کاتي جي ملازمن  کي ڏوهي قرار ڏئي سندن خلاف محڪماڻي ڪارروائي جي سفارش ڪئي هئي