ڪراچي(م ڊ) دنيا جي فاسٽ بالرن ۾ شامل ٿيل پهرئين سنڌي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي جون سرگرميون وري ميڊيا جي زينت بڻجي رهيون آهن سندس ڏکڻ آفريڪي اسپنر عمران طاهر سان سنڌي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. ملتان سلطانز پاران اها وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ جنهن ۾ شاهنواز ڏاهاڻي عمران طاهر کي ڀاڪر پائي ٿو ۽ ساڻس سنڌي ۾ ڳالهائي ٿو ۽ عمران به سنڌي ۾ ئي جواب ڏئيس ٿو. هڪ انٽرويو ۾ شاهنواز چيو ته عمران جو تعلق سنڌ سان ئي آهي سندس وڏڙا سکر جا هئا جتان لاهور ويا ۽ هو اتان ڏکڻ آفريڪا ويو.