ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ 7 جي ٻي ميچ ۾ پشاور زلمي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي. پهريان بيٽنگ ڪندي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ٽيم پشاور زلمي کي ڪاميابي لاءِ 191 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پشاور زلمي جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز خلاف ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 190 رنسون ٺاهيون. ول سمڊ 97 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ 3 رنسن جي فرق سان سينچري کان محروم رهيو، جڏهن ته احسن علي 73 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي.پشاور جي ثمين گل ۽ عثمان قادر 2-2 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ وقتي ڪپتان شعيب ملڪ جي ذميواراڻي بيٽنگ جي ڪري پشاور زلمي جي ٽيم ٽارگيٽ 5 وڪيٽن جي نقصان تي آخري اوور ۾ پورو ڪري ورتو. پشاور زلمي پاران ٽام ڪوهلر 22، ياسر خان 30 رنسون ٺاهيون، حيدر علي 19 رنسون ٺاهي سگهيو. بعد ۾ حسين طلعت ۽ شعيب ملڪ ذميواراڻي بيٽنگ ڪئي. حسين علي 52 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، شعيب ملڪ آخري اوور تائين رهيو ۽ 48 رنسون ناٽ آئوٽ ٺاهي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز 3 وڪيٽون ورتيون.