خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي مختلف بئنڪن مان قرض وٺي واپس نه ڪندڙن خلاف بئنڪنگ ڪورٽ ون جي اسپيشل جج امجد قاضي جي عدالت ايريگيشن اينڊ پاور ڊپارٽمينٽ جي سب انجنيئر سيد ذاڪر حسين شاهه ولد سيد نظر حسين شاهه، محمد رفيق ولد محمد جمن تنيو، امان الله ولد سهراب ڪلهوڙو ۽ احمد يار ولد ڪرم علي ڀٽي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي خيرپور پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي.