شڪارپور (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ جي عدالت منشيات اسمگلنگ ڪيس ۾ افغاني جوابدار محمد آغا کي 7 سال قيد ۽ 11 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، خبر موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ جي عدالت ۾ منشيات اسمگلنگ جي ڏوهه ۾ جوابدار محمد آغا کي 7 سال قيد ۽ 11 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار کي وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽڻي پوندي، ياد رهي ته 2019ع ۾ افغانستان جو سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ جوابدار محمد آغا ڪوئيٽا کان هڪ گاڏي تي سوار هو ته شڪارپور ايڪسائيز پوليس خفيه اطلاع تي تلاشي ورتي، جنهن دوران ڪپڙن جي پيٽي مان 5 ڪلو آفيم برآمد ٿيو، گاڏي ڪوئيٽا جي رهواسي محمد اڪبر جي نالي تي رجسٽرڊ ٿيل آهي جيڪو هن وقت ڪيس ۾ روپوش آهي.