خيرپورناٿن شاھ ۾ هٿياربندن هٿان ماءُ ۽ ڌيءَ اغوا

0
225

خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا ) خيرپورناٿن شاھ جي مير ڪالوني ۾ چار هٿياربند محمد صفر سولنگي جي گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي 12 ورهين جي نينگري صائمه ۽ سندس ماء مصرت سولنگي کي اغوا ڪري ويا، ان حوالي سان مظفر سولنگي ٻڌايو ته اسين گهر گهر ڀاتي گهر ۾ ويٺا هياسين ته چار هٿيار بند هٿيارن جي زور تي گهر ۾ داخل ٿي اسان مٿان تشدد ڪري منهنجي ننڍڙي ڀيڻ صائمه ۽ منهنجي امڙ مصرت کي زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي اسان سان انصاف ڪري منهنجي ڀيڻ ۽ منهنجي ماء کي بازياب ڪرايو وڃي.