حيدرآباد: ٻن سالن بعد بازار حسن مان گرفتار ٿيل ناري بري

0
290
بازار حسن مان گرفتار ٿيل ناري بري

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ منشيات ڪيس مان ٻن سالن بعد بازار حسن مان گرفتار ٿيل ناري کي ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو، مارڪيٽ پوليس 2019ع ۾ سري گھاٽ وٽ قائم حسن بازار جي ناري صائمه راجپوت کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ٻه ڪلو ٻه سئو گرام چرس ھٿ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو ۽ عدالتي حڪم تحت جيل اماڻيو جتان بعد ۾ جوابدارعورت پنھنجي ضمانت ڪرائي ھئي، جوابدار عورت صائمه راجپوت ضمانت ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي مبينا طور الزام ھنيو ته مارڪيٽ ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او منير عباسي ساڻس دوستي رکڻ جو چيو ۽ انڪار تي کيس گرفتار ڪرڻ بعد چرس ڪيس ۾ گرفتاري ظاھر ڪئي، فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت صائمه راجپوت کي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو.