دادو (رپورٽر) دادو شهر جي بخاري ڪالوني ۾ پٽن پيرسن ماءُ مسمات ٻائي زال ليمو قمبراڻي تي مبينا طور تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو، ان حوالي سان پيرسن عورت انصاف لاءِ ايس ايس پي آفيس دادو پهچي احتجاج ڪندي دانيهندي چيو ته پٽن ملڪيت جي لالچ ۾ اچي جاءِ پنهنجي نالي ڪرائي وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا، منع ڪرڻ تي پٽن مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، هاڻ ڌيءُ جي گهر رهان ٿي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف ايس ايس پي جي هدايت تي بي سيڪشن پوليس پيرسن عورتن جي ٻنهي پٽن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.