سکر (بيورو رپورٽ) سکر احتساب عدالت خيرپور، گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۾ ڪروڙين رپين جا وڌيڪ 3 ريفرنس نيب کي واپس ڪري ڇڏيا، احتساب عدالت ٽي جي جج ناصر حسين شاهه نيب ريفرنسن جي ٻڌڻي ڪندي گهوٽڪي جي خوراڪ کاتي ۾ 47 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو ريفرنس نيب کي واپس ڪري ڇڏيو، نيب طرفان گهوٽڪي خوراڪ کاتي ۾ 47 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪرڻ تي راهول ڪمار ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو هو، احتساب عدالت ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۾ 5 ڪروڙ 95 لک رپين کان وڌيڪ عبدالعزيز بلو ۽ ٻين خلاف داخل ريفرنس به واپس ڪري ڇڏيو، ڊي ايف سي خيرپور علي اڄڻ ۽ ٻين خلاف 5 ڪروڙ 82 لک رپين جو ڪرپشن ريفرنس نيب کي واپس منتقل ڪري ڇڏيو آهي.