ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مهانگائي آهي، پگهارون ۽ پيٽرل الائونس وڌايو، نيون گاڏيون ڏيو:  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن پگهارن ۾ واڌ لاءِ سنڌ حڪومت کي لکي ڇڏيو، معاملو ڪابينا ۾ اچڻ بعد في الحال انهي جي منظوري ڏيڻ يا رد ڪرڻ بابت ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو، ان ڏس ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي پگهارن، الائونسز توڙي تيل ۾ واڌ بابت ڪابينا ۾ ايجنڊا رکي وئي هئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته پبلڪ سروس ڪميشن جي موجوده چيئرمين محمد وسيم جي ماهوار پگهار 4 لک 82 هزار رپيا آهي، جيڪو وڌائي 7 لک 60 هزار رپيا ڪئي وڃي، جڏهن ته سندس سواري واري ڪار 1600 سي سي جي آهي، کيس 2700 سي سي جي فارچيونر گاڏي فراهم ڪئي وڃي، سندس ماهوار تيل ڪوٽا 640 مان وڌائي 500 لٽر ڪئي وڃي، ساڳئي ريت ڪميشن ميمبرن جي ماهوار پگهار 3 لک مان وڌائي 6 لک 10 هزار ڪري، سندن ماهوار پيٽرول 270 مان وڌائي 400 لٽر ڪيو وڃي، اهڙي فرمائش تي سنڌ ڪابينا جي ڪجهه ميمبرن پاران اعتراض وارڻ بعد انهي ايجنڊا کي ايندڙ اجلاس لاءِ ملتوي ڪيو ويو .