خيالي  تصويرن: خواھش اٿم ته تاريخي ماڳن کي تصوراتي انداز ۾ پيش ڪيان: رحمت الله

0
349
خواھش اٿم ته تاريخي ماڳن کي تصوراتي انداز ۾ پيش ڪيان
خيالي  تصويرن: خواھش اٿم ته تاريخي ماڳن کي تصوراتي انداز ۾ پيش ڪيان: رحمت الله

ٺٽو (رپورٽ: محبوب بروهي) ٺٽي واسي آرٽسٽ دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، سنڌو تهذيب جي اهڃاڻ  موهن جي دڙي جي خيالي تصويرن  سوشل ميڊيا تي ڌُم مچائي ڇڏي آهي

ٺٽي جي سونڊا شھر واسي نوجوان رحمت الله ميربحر اي آئي ٽيڪنالاجي ذريعي سنڌوءَ جي قديم تهذيب کي نروار ڪيو، هُن موهن جي دڙي واسين جي رهڻي ڪهڻي ۽  وڻج واپار کي خوب ڏيکاريو آهي

آرٽسٽ رحمت الله ميربحر موهن جي دڙي جي  کوٽائي کان ويندي مورخ جي لفظن ۾ساهه وجهي ڇڏيو

آرٽسٽ قديم تاريخ کي  جديد ٽيڪنالاجي جو ويس پارائي پيش ڪيو، تصويرن ۾ موهن جي دڙي واسين جا زيور، چوپايو مال، خوبصورت گهر ۽ هٿ جو هنر ڏيکاريو ويو

آرٽسٽ رحمت الله ميربحر جو چوڻ آهي ته خيالي تصويرون اي آءِ ٽيڪنالاجي  جي مدد سان ٺاهيون آهن، خواھش اٿم ته مڪلي، ڀنڀور سوڌو  سنڌ جي هر تاريخي ماڳ کي تصوراتي  انداز ۾ پيش ڪيان