سنڌ پوليس: ايس ايس يو جي 30 ڪمانڊوز دهشتگردي ٽوڙ تربيت مڪمل ڪري ورتي

0
227

گهارو : سنڌ پوليس جي اسپيشل يونٽ ايس ايس يو جي 30 ڪمانڊوز دهشتگردي ٽوڙ تربيت مڪمل ڪري ورتي آهي

نيول اسپيشل ٽريننگ سينٽر بن قاسم گهارو ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب ٿي

ايس ايس يو جي ڪمانڊوز نيوي جي اسپيشل سروسز گروپ جو 8 هفتن وارو تربيتي ڪورس مڪمل ڪيو

 پوليس جي ڪمانڊوز کي سيلف ڊفينس، ڪلوز ڪوارٽر ڪمباٽ، ريپلنگ ۽ جديد هٿيارن جي استعمال جي تربيت ڏني وئي

ڊي آءِ جي سيڪيورٽي ڊاڪٽر مقصود احمد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پوليس جي ڪمانڊوز کي مليل تربيت دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، ڊي آءِ جي سيڪيورٽي تربيت فراهم ڪرڻ تي سينٽر جي ڪمانڊنٽ نعمان اسلم ۽ ٻين آفيسرز جا ٿورا مڃيا

 ڪموڊور ايس ايس جي نيوي جواد خواجا خطاب ڪندي چيو ته پوليس جا ڪمانڊوز پنهنجي تربيت ذريعي قوم جي بهتر خدمت ڪري سگهندا

هي به پڙهندا

شهداد ڪوٽ: لاڪ اپ ۾ جوابدار جو پراسرار موت: پوليس آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم