سکر(بيورو رپورٽ) سيد خورشيد شاھ جي گرفتاريءَ خلاف اڱاري ڏينهن (اڄ)  سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا. پ پ سکر ضلعي طرفان سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويندو، جِتي پنوعاقل، صالح پٽ، روھڙيءَ، باگڙجي سميت مختلف علائقن کان ڪارڪن پھچي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. سيد خورشيد احمد شاهه جي گرفتاري خلاف ٿيندڙ احتجاج جي حوالي سان جنرل ورڪر اجلاس ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ سيد خورشيد احمد شاهه جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب سيد خورشيد شاھ جي حمايت ۾ ٿيندڙ احتجاج لاءِ ڪوٺايل اجلاس ۾ ڪارڪنن اڳواڻن سان مخاطب ٿيندي شڪايتون ڪيون ته حقدار ڪارڪنن کي نوڪرين ۾ مڪمل طور نظر انداز ڪيو پيو وڃي، من پسند ماڻھن کي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن.