ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گورک هل اسٽيشن تي حادثن بعد مقامي شهري نورالدين جمالي فنڊن جي جاچ لاءِ سنڌ  هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، شهري جي وڪيل محمد خان شيخ جو چوڻ آهي ته پٽيشن ۾ گورک ھل اسٽيشن جي چيئرمين رفيق جمالي ۽ سنڌ حڪومت کي درخواست ۾ ڌر بڻايو ويندو، وڪيل ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته گورک تي روزانو حادثا ٿين پيا، انساني جانيون ضايع ٿين پيون پر اختيارين ڪوبه تحرڪ نه ٿيون وٺن، هن چيو ته گورک لاءِ فنڊ ڏيڻ واري به سنڌ حڪومت آھي ۽ خرچ ڪرڻ وارا به انھن جا پنھنجا ماڻهو آھن، درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪنداسين ته گورک تي ٿيل ڪرپشن جي انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ گورک ھل چيئرمين رفيق جمالي کان به ٿيل ترقياتي ڪمن بابت پڇاڻو ڪيو وڃي.