ماتلي (رپورٽ:نياز خاصخيلي) ماتلي ويجھو ڳوٺ رحمت الله جھيجو ۾ 10 ورھين جي عضرا ڌيءُ منظور لغاري ۽ 8 ورھين جي شمائلا ڌيءُ رسول بخش روڊ پار ڪندي ڪار جي ٽڪر ۾ سخت  زخمي ٿي پيون، ٻنھي  نينگرين کي وارثن پاران انڊس اسپتال ٽنڊو محمد نيو ويو، جتي سندن حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب کين حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيو ويو، جتي نينگريون عضرا لغاري ۽ شمائلا  زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويون، ٻئي طرف ڳوٺاڻن ۽ نينگرين جي وارثن روڊس کاتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته مين روڊ تي ڪوبه اسپيٽ بريڪر نه آھي، روڊ جي ٻنھي پاسن کان سوين گھر ۽ پرائمري اسڪول آھي، اڳ به ڪيترائي حادثا ٿيا آهن پر  روڊس کاتو توڙي اختيارين ڪوبه نوٽيس نه ورتو آھي، 2 ڪلاڪ ڌرڻي بعد پوليس پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، هوڏانهن  پوليس ڪار ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. هوڏانهن اسپتال مان ٻنهي نينگرين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، نينگرين جا مڙهه ڳوٺ پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.