نئين دهلي(انٽريسٽنگ نيوز)ڀارت ۾ مڙس طرفان بيوٽي پارلر وڃڻ جي اجازت نه  ملڻ تي زال آپگهات ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اهو واقعو مڌيا پرديش رياست جي علائقي ۾ پيش آيو جتي مڙس طرفان پارلر وڃڻ کان روڪڻ جي ڪوشش تي زال آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس موجب 31 ورهين جي عورت گھر ۾ ئي ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آندو. پوليس موجب عورت جي مڙس پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته هن رڳو زال پارلر وڃڻ کان روڪيو هو جنهن زال دلبرداشته ٿي پکي ۾ ڦاهي کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس موجب لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو ويو آهي ۽ واقعي جي جاچ جاري آهي.