واشنگٽن(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ 13 ورهين جي شاگرد اسڪول بس جي عورت ڊرائيور جي بيهوش ٿيڻ تي بس جو ڪنٽرول سنڀالي بس ۾ سوار ٻين ساٿين جي  حياتي بچائي ورتي. پرڏيهي خابرو اداري موجب اهو واقعو آمريڪي رياست مشيگن ۾ پيش آيو، جتي اسڪول بس جي ڊرائيور هلندڙ بس ۾ طبيعت خراب ٿي وئي جنهن ۾ هن بس کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. عورت ڊرائيور بس جي رفتار گھٽائڻ ۾ ته ڪامياب ٿي وئي پر هن کان بس نه بيٺي. اهو منظر بس ۾ ويٺل 13 ورهين جو ڊيلون ڏسي رهيو هو جنهن حاضر دماغي مان ڪم ورتو ۽ ڊرائيور جي سيٽ تي وڃي پهتو، هن اسٽيئرينگ ويل کي سنڀاليندي بريڪ لڳائي جنهن سبب بس بيهجي وئي. اسڪول انتظاميا موجب بس روڪڻ کان پوءِ شاگرد بس ۾ سوار ٻين شاگردن کي ايمرجنسي تي ڪال ڪرڻ لاءِ به گوڙ ڪيو. ڊرائيور طرفان اسڪول انتظاميا کي پنهنجي خراب طبيعت جي حوالي سان پيغام ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي، اسپتال کڻي وڃڻ تي خبر پئي ته عورت ڊرائيور فوت ٿي چڪي آهي. 13 ورهين جي شاگرد ڊيلون جي ان حاضر دماغي تي کيس هيرو جي لقب سان نوازيو پيو وڃي.