خواهش آهي ته ڊالر منهنجو 210 جو رڪارڊ نه ٽوڙي: فخر امان

0
404
ڊالر منهنجو 210 جو رڪارڊ نه ٽوڙي
خواهش آهي ته ڊالر منهنجو 210 جو رڪارڊ نه ٽوڙي: فخر امان

لاهور: پاڪستاني ڪرڪيٽر فخر زمان اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڊالر جي اڏام سندس بهترين ون ڊي اننگز جو رڪارڊ نه ٽوڙي سگهندي

لاهور ۾ تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فخر زمان چيو ته رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر تيزي سان وڌي رهيو آهي، پر خواهش آهي ته منهنجو 210 جو رڪارڊ نه ٽوڙي

واضح رهي ته انٽربينڪ ۾ ڊالر 40 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 200 رپيا 40 پئسن جو ٿي ويو آهي، موجوده معاشي بحران سبب حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي