پي ٽي آءِ جا 25 ميمبرن جي ڊي سيٽ: پنجاب اسيمبلي ۾ نمبرز گيم

0
179
پنجاب اسيمبلي ۾ نمبرز گيم
پي ٽي آءِ جا 25 ميمبرن جي ڊي سيٽ: پنجاب اسيمبلي ۾ نمبرز گيم

تحريڪ انصاف جي 25 باغي ميمبرن جي ڊي سيٽ ٿيڻ بعد پنجاب اسيمبلي ۾ نمبرز گيم دلچسپ ٿي وئي آهي

موجوده صورتحال ۾ ايوان345 ميمبرز جو رهجي ويو آهي، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جا 158 ۽ اتحادي ق ليگ جا 10 ميمبر گڏائي ڪل انگ 168 ٿئي ٿو

ٻئي پاسي حڪمران اتحاد ۾ ن ليگ وٽ 165، پيپلز پارٽي 7، راهه حق پارٽي وٽ هڪ ۽ 4 آزاد ميمبرز گڏائي انگ 177 ٿئي ٿو

ن ليگ جا 4 ناراض ميمبر جيڪڏهن ووٽ نه ڏين ته پوءِ انگ 173 ٿئي ٿو، چوڌري نثار آزاد اميدوار جي حيثيت سان اڃا تائين خاموش آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف به مخصوص سيٽن تي 5 نوان اميدوار شامل ڪرڻ لاءِ پراميد آهي، جڏهن ته خالي ٿيل 20 سيٽن تي چونڊ کان اڳ مخصوص سيٽن جو انگ ۽ تعداد طئي ڪرڻ ممڪن نظر نٿو اچي

جيڪڏهن پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ ٻيهر چونڊ ٿئي ٿي ته اميدوار سادي اڪثريت سان ڪامياب ٿي سي ايم پنجاب چونڊجي ويندو، موجوده پارٽي پوزيشن جي لحاذ کان نون ليگ کي برتري حاصل آهي

واضح رهي ته 16 اپريل 2022ع تي ن ليگ جي حمزه شهباز شريف 197 ووٽ کڻي وڏي وزير طور ڪاميابي ماڻي هئي

پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي 25 باغي ميمبرز جي اسيمبلي رُڪنيت ختم

حمزه شهباز وڏو وزير نه رهيو، پنجاب ۾ هن وقت ڪابه حڪومت ناهي: تجزيه نگار