خليفي قاسم (ن پ ا) خليفي قاسم شھر کي ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن نظرانداز ڪري ڇڏيو، سوين رهواسي پٿر جي دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور. سرڪاري ادارن جون عمارتون کنڊرات ۾ تبديل ٿي ويون. خبر موجب تعلقي ٽنڊوباگو جي اهم شھر خليفو قاسم کي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا پاران لڳاتار نظرانداز ڪرڻ سبب بوائز پرائمري اسڪول، گرلز پرائمري اسڪول ۽ گرلز مڊل اسڪول جون عمارتون ڀوت بنگلن ۾ تبديل ٿي ويون. شهرين محمد درس، گلزار ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته خليفو قاسم جا رهواسي جديد دور ۾ به صحت، تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ روڊ جي بنيادي سهولتن کان محروم آهن. ھنن چيو ته گرلز مڊل ۽ گرلز پرائمري اسڪولن کي 20 سالن کان تالا لڳل آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته واٽر سپلا اسڪيم تي لکين رپين جي لاڳت باوجود اها غير فعال بنيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته شهر جي اسڪول کي فعال بڻائي شاگردن جو مستقبل محفوظ بڻايو وڃي.