جھول (ن پ ا) ڄام برانچ مان نڪرندڙ مورياڻي مائنر جي پڇڙي جي واٽر ڪورس نمبر 4-5-6- ۽ 7 جي آبادگارن محبوب درس، زبير درس، خالق درس، محمد حسن درس، شفيع محمد درس، بابر چوڌري ۽ ٻين ڪيترن ئي آبادگارن شاخ جي پڇڙي جي حصي جي کاٽي نه ٿيڻ ۽ پاڻي نه پھچڻ  خلاف آبپاشي کاتي جي آفيسرن ۽ عملي خلاف احتجاج ڪيو. انھي موقعي تي آبادگار اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي عملدار شاخ جي پوري کاٽي ڪرائڻ بجاءِ منڍ جي بااثر زميندارن جي واٽر ڪورسن واري حد تائين کاٽي ڪرائي جنھن سان پڇڙي جي مٿين نمبرن وارن واٽر ڪورسن ۾ پاڻي پھچي ئي ڪونه ٿو، کاٽي نه ٿيڻ ۽ پاڻي نه پھچڻ سان سندن ڪڻڪ ڪمند جي فصل کي ڪافي نقصان ٿيو ھو، ھن وقت ھو وونئڻن جو فصل پوکي نه سگھيا آهيون. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سندن مورياڻي مائنر جي رھيل کاٽي کڻائي منڍ جي بااثر زميندارن جا ٽٽل موڳا سرڪاري ماپ تي ٺھرائي کين پاڻي مھيا ڪري بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي نه ته ھو وزير اعليٰ ھائوس اڳيان احتجاج ڪندا.