ملڪاڻي شريف (ن پ ا) آبپاشي سب ڊويزن خيرپور گنمبوه جي جرڪس ۽ ٻنگار شاخ جا پوڇڙ وارا آبادگار پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ھٿرادو وارابندي خلاف ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي پنگريو- جھڏو روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ڌرڻي سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو. پوڇڙ جي آبادگارن عاشق علي چانڊيو، حنيف من چانڊيو، زاھد گجر، پير عابد شاهه، سيد امان الله، شاهه علي چانڊيو ۽ ٻين ٻڌايو ته مٿي ڪئنالن ۾ پاڻي جي کوٽ نه هوندي به آبپاشي سب ڊويزن خيرپور گنمبوھ جي جرڪس، ٻنگار سميت ٻين شاخن تي آبپاشي عملدارن ھٿرادو وارابندي ڪري شاخن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي. وارابنديءَ تي به شاخن ۾ ايترو پاڻي ڇڏيو ويندو آهي جيڪو پوڇڙ تائين نه پھچندو آهي، ان ڪري پوڇڙي جا آبادگار معاشي طور تباهه ٿي رهيا آهن. آبادگارن آبپاشي واري صوبائي وزير ۽ لاڳاپيل عملدارن کان مطالبو ڪيو ته آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنمبوھ جي شاخن ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ فوري طور ختم ڪئي وڃي.