ٽنڊومحمدخان (رپورٽ: امتياز مڱريو) ٽنڊومحمدخان شهر جا مختلف علائقا پبلڪ هيلٿ ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي عملدارن جي نااهلي سبب گندگي جي ور چڙهيل آهي، ڪيترن ئي هنڌن تي گٽرن جو گندو پاڻي بيهڻ ڪري شهرين کي سخت مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون آهن. ان ڏس ۾ مير پاڙي، نصير آباد، دولها جو پڙ، مسجد علي روڊ، بهراڻي پاڙو، ميمڻ اسپتال روڊ، تالپور ڪالوني، پاٽار ڳوٺ، اسٽيشن روڊ ۽ ٻِين علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن ۽ گٽرن جو گندو پاڻي روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ بيهڻ ڪري شهرين کي رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پر ميونسپل انتظاميا توڙي پبلڪ کاتي جا عملدار اگهور ننڊ ستل آهن. هتان جي سماجي اڳواڻن شهرين ايڊووڪيٽ محمد علي قريشي، غلام ياسين سمون، عارف قريشي، ذوالفقار علي هوت ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ٽنڊومحمدخان شهر کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي شهر ۾ هر طرف گندگي جا ڊير لڳل آهن، گٽرن ۽ نالين جو گندو پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري خاص ڪري نمازين کي مسجدن ۾ نماز پڙهڻ لاء گندي پاڻي مان گذرندي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. گذريل هڪ مهيني کان موٽرون لڳائي سرڪاري پيٽرول ۽ ڊيزل وڌيڪ ڏيکاري روزانو هزارين رپين جا ڪوڙا بل ٺاهي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي. هنن اعلىٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٽنڊومحمدخان شهر مان گندگي جو آزار ختم ڪرائي ڊرينيج سسٽم جي نئين سر جوڙ جڪ ڪري شهرين کي وڌيڪ پريشان ٿيڻ کان بچايو وڃي هو ڏانهن تاجران فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري سليم گدي پٺاڻ جو چوڻ هو ته گذريل هفتي ايم اين اي سيد نويد قمر سان واپارين جي وفد ملاقات ڪري کيس سڄي صورتحال کان آگاهي ڏني هئي جنهن ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻِين واسطيدار عملدارن کي فوري طور تي مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي پر افسوس ته ان تي ڪو به عمل ناهي ٿي سگهيو سينيٽري انسپيڪٽر صرف ڪجهه تصويرون ڊرينيج سسٽم جون ٺاهي پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهيو آهي.