اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچم قرض جي فراهمي لاءِ باضابطه طور تي ڳالهيون شروع ٿي ويون آھن، پاڪستان شرطن تي عملدرآمد لاءِ آءِ ايم ايف کان وقت گهري ورتو،  آءِ ايم ايف جو وفد ناڻي وزارت پهتو،  آءِ ايم ايف مشن جي سربراهي نيٿن پورٽر ڪري رهيو هو ، آءِ ايم ايف سان ٽيڪنيڪل ڳالهين جو آغاز ڪيو ويو آهي،  جنهن دوران  پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اقتصادي صورتحال جي جائزي  جو عمل شروع  ٿي ويو آهي،ان کان اڳ ناڻي وزير اسحاق ڊار سان آءِ ايم ايف جي وفد تعارفي ملاقات ڪئي، ناڻي وزير آءِ ايم ايف وفد جي آجيان ڪئي،  آءِ ايم ايف جي مشن هيڊ نيٿن پورٽر جي سربراهي ۾ وفد ناڻي وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ڳالهين ۾ ناڻي وزارت جو سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ ۽ مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا وزيراعظم جي خصوصي معاونن طارق پاشا ۽ طارق باجوا به شريڪ هئي، نائين اقتصادي جائزه مذاڪرات جي شيڊول  تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ڪئي، ڳالهه ٻولهه دوران معاشي حدفن تي به غور ڪيو ويو، ناڻي وزارت جي ذميوار ذريعن موجب آءِ ايم ايف مالي خساري ۽ نقصانن جي نشاندهي ڪندي مالي نظم و ضبط تي سختي سان عمل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ۽ غريب طبقي جي لاءِ سبسڊي جي مخالفت نه ڪئي آهي ۽ بي آءِ ايس پي تحت رليف جاري رکڻ تي به راضي ٿي ويو آهي، ناڻي وزير اسحاق ڊار آءِ ايم ايف مشن کي مالياتي معاشي قدمن بابت بريفنگ ڏني، جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ناڻي وزير مالياتي خسارو گهٽ ڪرڻ، پاليسي ريٽ ۾ اضافي تي آءِ ايم ايف مشن کي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته گيس سيڪٽر جو گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، اسحاق ڊار چيو ته اسان اڳ به آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪيو هو هاڻي به حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي، ناڻي وزير اسحاق ڊار معاهدو طئي ٿيڻ لاءِ هر قسم جي تعاون جي خاطري ڪرائي آهي، آءِ ايم ايف مشن چيو ته حڪومت نائين جائزه مذاڪرات ۾ شرطن تي عملدرآمد ڪندي، حڪومت آءِ ايم ايف جي مرضي مطابق مختلف سيڪٽرن ۾ بهتري آڻيندي، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف مالياتي ريفارمز تي گڏجي ڪم ڪندا، جڏهن ته ناڻي وزارت جي اعليٰ آفيسرن ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو آهي ته ميڊيا آءِ ايم ايف سان مذاڪرات جي حوالي سان   مثبت رپورٽنگ ڪري، معيشت جي بهتري لاءِ ڳالهين کان اڳ مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا، پاڪستان لاءِ مشڪل ترين ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، معيشت جي بهتري لاءِ ڪوڙي گوري کائڻي پوندي ۽ مشڪل فيصلا برداشت ڪرڻا پوندا، معيشت جي بهتري لاءِ سڌارا اڻٽر آهن، حڪومت جي ڪوشش آهي ته غريب طبقن کي مهانگائي جي اثرن کان بچائي، غريب طبقن لاءِ سبسڊيز جاري رکڻ چاهيون ٿا. ذريعن موجب .پاڪستان شرطن تي عملدرآمد لاءِ آءِ ايم ايف کان وقت گهري ورتو، ذريعن موجب  ڳالهين دوران آءِ ايم ايف وفد ايندڙ بجيٽ ۾ اعلانيل فيصلن موجب بجيٽ خسارو 4.9 سيڪڙو ڪرڻ جو واعدو پورو ڪرڻ لاءِ چيو، پرائمري خساري جو جي ڊي پي 0.2 سيڪڙو ڪرڻ جو به واعدو ورتو ويو، آءِ ايم ايف وفد اهو به مطالبو ڪيو ته برآمدي شعبي تان 110 رپين جي ڇوٽ ختم ڪئي وڃي،  ايف بي آر طرفان 7470 رپين جي ٽيڪس وصولين جو هدف هر حال ۾ پورو ڪرڻ ۽ گردشي قرضن ۾ به خاطر خواهه لاٿ آڻڻ جو مطالبو ڪيو،  آءِ ايم ايف مالي خسارن ۽ نقصانن جي نشاندهي ڪري ڇڏي، آءِ ايم ايف طرفان مالي نظم ۽ ضبط تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ تي زور ڏنو،  آءِ ايم ايف غريب طبقي لاءِ سبسڊي ڏيڻ جي مخالفت نه ڪئي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رليف جاري رکڻ تي راضپو ڏيکاريو.