ڪراچي (م ڊ) دنيا جا 95 سيڪڙو ملڪ ڪرپشن گهٽائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا، ٻه ڀاڱي 3 ملڪن ۾ بدعنواني سنگين /ڏسو صفحو 7 بقايا 02

مسئلو بڻجي ويو، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس 2022ع جي رپورٽ جاري ڪئي وئي، رپورٽ موجب ڀارت ۽ بنگلاديش سي پي آءِ اسڪور ۾ ڪوبه فرق نه آيو، جيتوڻيڪ هي ملڪ ڪارن قانونن ذريعي اظهار جي آزادي ۽ حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. جڏهن ته رپورٽ مطابق عمران جي حڪومت دوران پاڪستان ۾ ڪرپشن وڌڻ جي تاثر ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو، ترجمان ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل شائق عثماني جو چوڻ آهي ته ننڍي سطح تي ڪرپش ختم ڪرڻ لاءِ گذريل ۽ موجوده حڪومت ڪم نه ڪيو،  ڪرپشن جو تعلق گورننس سان آهي، ڪرپش جيل ۾ وجهڻ سان گهٽ ناهي ٿيندي، پروسيجر ٺاهڻ سان ٿيندي آهي، وڏي سطح تي ڪرپشن سڄي دنيا ۾ ٿيندي آهي.