سن (ن پ ا) خاڻوٺ لڳ فوتي عورت رخسانا جي وارثن خاڻوٺ پوليس خلاف احتجاج ڪيو. ڳوٺ قُبي جي رهواسڻ مرحومه رخسانا خاصخيلي جي وارثن ايس ايچ او خاڻوٺ جي خلاف ڌرڻو هنيو. فوتڻ جي پيءُ الهڏتو خاصخيلي، ماءُ نوري ڀاءَ غازي خان خاصخيلي ۽ ٻين چيو رخسانا کي ان جي ساهرن مائٽن سان ڳالهائڻ جي ڏوهه ۾ ڪنڌ جو مڻڪو ڀڃي قتل ڪيو ۽ روڊ حادثو ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. خاڻوٺ پوليس به انهن جي ونگارو بڻيل آهي، رخسانا کي ان جي مڙس اصغر خاصخيلي ۽ دادو خاصخيلي قتل ڪيو آهي، پر هڪ هفتو گذرڻ باوجود پوليس انهن کي گرفتاربه ناهي ڪري سگهي نه وري اسان کان ڪيس ٿي وٺي. هنن اعلىٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو اسان غريب پورهيت آهيون اسان جي نياڻي جي خون کي انصاف ڏيارڻ جي لاِءِ هر فورم تي وينداسون ۽ انصاف ملڻ تائين خاموش نه ويهنداسون، هنن مطالبو ڪيوته رخسانا جي قتل جي ڏوهه ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.