حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي وڌندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پ پ چيئرمين ۽ ‏وزيراعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبي ۾ فوري طور 4 ھزار وينٽيليٽرز، 10 لک ٽيسٽ ڪٽس ۽ 40 لک اضافي طبي ماسڪن جو انتظام ڪيو وڃي. پڌرائي ۾ اياز لطيف پليجو ڄاڻايو آهي ته لاڪ ڊائون سبب متاثر پورھيت ۽ غريب ماڻھن کي گھٽ ۾ گھٽ 15 ڏينھن جي راشن جو سامان به فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪورونا جي وبا تيزي سان پکڙجڻ باوجود وفاقي حڪومت سنڌ کي نظرانداز ڪري رھي آھي جڏهن ته سنڌ سرڪار به متاثر عوام سان سهڪار ڪرڻ بدران ڪورونا وائرس کي ڄڻ ته ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. حڪومت جي غير سنجيدگي سبب سنڌ جي ماڻهن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن. حيدرآباد سميت سنڌ ۾ ضلعي جا عملدار به ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ بدران ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن کي پريشان ڪرڻ ۾ مصروف آهن. هن مطالبو ڪيو ته ڪورونا وائرس دوران عوام کي اڪيلو ڇڏڻ بدران موذي مرض کان بچائڻ لاءِ ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪيو وڃي.