گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي پوليس 4 موبائيلون ساڻ ڪري سرورآباد ۾ جنرل اسٽور جي ھڪ دڪان تي چڙھائي ڪري منشيات وڪروڪرڻ جي الزام ۾ هڪ دڪاندارلياقت بروهي کي کنڀي کڻي وئي، پوليس جي اهڙي عمل خلاف شھرين حسن بروهي، سرور برفت، مراد بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سرورآباد ۾ سانگهڙ نواب شاهه روڊ تي احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته پوليس بنا جواز نوجوان کي گرفتار ڪيو آھي هنن مطالبو ڪيو ته گرفتار ڪيل دڪاندار کي آزاد ڪيو وڃي، ٻئي پاسي گپچاڻي جي ايس ايچ او رابطي تي ٻڌايو ته لياقت بروهي دڪان جي آڙ ۾ نشي آور سوپاريون وڪرو ڪري ٿو ان لاءِ کيس کي گرفتار ڪيو آھي.