حڪومت طرفان وقت تي قدم نه کڻڻ سبب گئس جو بحران آيو: شوڪت ترين جو اعتراف

0
290
وزيراعظم چوي ٿو ته

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين چيو آھي تھ حڪومت طرفان وقت تي قدم نھ کڻڻ سبب ملڪ ۾ گئس جو بحران پيدا ٿيو آھي، شوڪت ترين ھڪ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو تھ حڪومت جي وقت تي قدم نھ کڻڻ ملڪ ۾ گئس جو بحران آيو آھي، گئس جا ڪارگو وٺڻ گھرجن ھا، انھن کي نھ ورتو ويو، ھاڻ وقت گذري ويو ۽ عالمي سطح تي مھانگي ملي رھي آھي

شوڪت ترين جو چوڻ ھو تھ تجزيا نگارن جو چوڻ آھي تھ ڊسمبر جنوري ۾ عالمي سطح تي گئس جي قيمتن ۾ گھٽتائي جو امڪان آھي، ٻئي پاسي گئس بحران سبب ملڪ ۾ عوام پريشانين کي منھن ڏئي رھيو آھي