شنيرا اڪرم ڪراچي چڙيا گهر جي انتظاميا جي لاپرواهي تي چڙي پئي

0
417
شنيرا اڪرم ڪراچي چڙيا گهر جي انتظاميا جي لاپرواهي تي چڙي پئي

ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جي گهرواري شنيرا اڪرم ڪراچي چڙيا گهر جي انتظاميا جي لاپرواهي تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي، شنيرا ٽوئيٽر تي ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ بک سان بيحال هڪ شينهن جي وڊيو شيئر ڪئي

شنير ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو بلڪل غلط آهي، اهو هڪ دل ٽوڙيندڙ منظر آهي جيڪو يقيني طور تي تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ نه هجڻ گهرجي

هن چيو ته جيڪڏهن اسان جانورن جي سارسنڀال نه ٿا ڪري سگهون ۽ انهن کي کاڌو نٿاس کارائي سگهون ته پوءِ اسان چڙيا گهر جا حقدار نه آهيون، جانورن کي کاڌو کارائڻ لاءِ عملي کي پگهار نه ڏيڻ جو ڪو به عذر ناهي

ياد رهي ته ٺيڪيدار گذريل ڏينهن پيسا نه ڏيڻ تي چڙيا گهر ۾ جانورن کي کاڌو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو هو، بک سبب چڙيا گهر ۾ هڪ شينهن سميت ڪيترائي جانور بيحال ڏٺو ويو، مامرو منظر عام تي اچڻ کانپوءِ ٺيڪيدار پاران جانورن کي کاڌو ڏنو پيو وڃي