حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڪورونا جي صورتحال سبب ويڪسينيشن سينٽرن کي 24 ڪلاڪ فعال رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جيڪي سينٽر 24 ڪلاڪ ڪم ڪندا انهن ۾ سنڌ گورنمينٽ اسپتال قاسم آباد، سنڌ گورنمينٽ اسپتال پريٽ آباد، شاهه عبدالطيف ڀٽائي اسپتال لطيف آباد، گورنمينٽ اسپتال ڪوهسار شامل آهن. اسريٰ يونيورسٽي اسپتال ۽ سي ڊي ايف اسپتال ۾ ٻن شفٽن دوران ويڪسين لڳائي ويندي. رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊو ڄام، رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊو قيصر، رورل هيلٿ سينٽر هوسڙي، ٽراما سينٽر ۽ سنڌ گورنمينٽ اسپتال حالي روڊ ۾ صرف صبح جي شفٽ دوران ويڪسين لڳائي ويندي. اهڙي پڌرائي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو پاران جاري ڪئي وئي آهي.