اسلام آباد(م ڊ) کنڀي گم ڪيل صحافي دثر نارو جي گهر واري دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي. هوءَ پنهنجي کنڀيل مڙس جي ڳولا ۾ معصوم پٽ کي هنج ۾ کڻي احتجاج به ڪندي رهي هئي. سول سوسائٽي انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري کان مطالبو ڪيو آهي ته مدثر کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ته جيئن هو گهرواري جي تدفين ۽ يتيم پٽ جي سارسنڀال ڪري سگهي.