حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ کير ۽ ڏهي جي اگهن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي جنهن ڪري شهري سخت پريشان ٿي ويا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊيري مالڪن ۽ دڪاندارن کير جو في ليٽر 150 رپيا وڪرو ڪرڻ بدران 170 رپيا في ليٽر جي حساب سان وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڌئونرو به دڪاندار في ڪلو 200 رپين بدران 240 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو پيا ڪن. ڊيري مالڪن جو چوڻ آهي ته برسات ۽ ٻوڏ کانپوءِ وڏي تعداد ۾ چوپايو مال متاثر ٿيو آهي جڏهن ته مال کي فراهم ٿيندڙ چارو اڻلڀ ٿيڻ کانپوءِ واڙي مالڪن کير جا اگهه وڌايا ويا آهن. ان کانپوءِ انهن به مجبوري ۾ کير جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن. حيدرآباد جي سٽي، لطيف آباد، قاسم آباد توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ قائم واڙي مالڪن جو چوڻ آهي ته پهرين هو دڪاندارن ۽ ڊيري وارن کي کير جو في ليٽر 148 رپين ۾ فراهم ڪندا هئا پر هاڻي چارو مهانگو ٿيڻ ۽ مينهون گهٽجڻ کانپوءِ انهن 10 في ليٽر تي واڌ ڪندي ڊيري مالڪن کي 158 رپيا في ليٽر جي حساب سان کير جي فراهمي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڊيري مالڪن ۽ دڪاندارن جو چوڻ آهي ته واڙي مالڪن پاران کير مهانگو ملڻ کانپوءِ انهن رڳو 12 رپيا في ليٽر جي حساب سان کير مهانگو ڪيو آهي ۽ کير هاڻي هو 150 بدران 170 رپين ۾ وڪرو پيا ڪن. واڙي مالڪ ايسوسيئيشن جي اڳواڻ شوڪت جتوئي جو چوڻ آهي ته انتظاميا ڪافي عرصو اڳ واڙي مالڪن کي 112 رپيا في ليٽر جي حساب سان ڊيري مالڪن ۽ دڪاندارن کي کير فراهم ڪرڻ جو چيو هو جنهن بعد دڪاندار ۽ ڊيري مالڪ 120 کان 130 رپين جي حساب سان کير وڪرو ڪندا هئا پر هاڻي برسات ۽ ٻوڏ کانپوءِ صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي روزانو جي بنياد تي چوپايو مال مري رهيو آهي ته ٻئي پاسي وري کين مال جو چارو ملڻ تمام گهٽ ٿي ويو آهي. شهرين ڊپٽي ڪمشنر کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن کين کير انتظاميا پاران مقرر ڪيل اگهن تي فراهم ٿي سگهي.