خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) تاريخي شهر خيرپورناٿن شاھ 16 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آهي، پر چونڊيل نمائنده مسلسل غائب آهن، خيرپورناٿن شاھ جا رهواسي ڪراچي، حيدرآباد، ڪوٽڙي، ڄامشورو، لاڙڪاڻا، مورو، دادو سميت مختلف شهرن ۾ دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، خيرپورناٿن شاھ جا ماڻهون هن مهل تائين ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل آهن، شهر ۾ کاڌ خوراڪ جو سامان ۽ پيئڻ جو پاڻي ڪيترن ڏينهن کان وٺي ختم ٿي چڪو آهي، ماڻهون بک وگهي ۽ مختلف بيمارين ۾ مرڻ لڳا آهن، شهر ۾ ڊي ايڇ او دادو پاران ڪابه طبي ڪئمپ به نه لڳائي آهي، متاثرين کي کاڌ خوارڪ ته ٺهيو پر ٽينٽ به نه ملي سگهيا آهن، متاررين معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت سخت گرمي ۽ نٽهڻ اس کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن متاثرين تنبو نه هجڻ ڪري پنهنجي معصوم ٻارڙن کي کٽ اڀي ڪري ڇانو پيا ڪن ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن متاثرين هن تائين واهر نه ڪئي، شهري بي يارو مددگار ويٺل آهن، متاثرين جو خيرپورناٿن شاھ جو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف ۽ انتظاميا طرفان متاثرين جي واهر نه ڪرڻ خلاف شهري اتحاد جي صدر حافظ محمد امين جمالي سخت احتجاج ڪيو، جتي هنن دانهيو ته 15 کان وٺي 5 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ تاريخي تعلقو خيرپورناٿن شاھ مڪمل ٻڏل آهي هتان جا ماڻهون مختلف شهرن ۾ دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن مسلسل پاڻي بيهڻ ڪري علائقي بدبوء پکڙجي وئي آهي جنهن ڪري علائقي ۾ خطرناڪ بيمارين منهن ڪڍيو آهي. اسين هتي نڌڻڪا ڏ بي يارو مددگار ويٺل آهيون اسان جو هتي ڪير والي وارث ناهي خدارا اسان جي مدد ڪريو هنن مطالبو ڪيو ته خيرپورناٿن شاھ مان جلداز جلد پاڻي ڪڍيو وڃي ۽ شهر واسين کي راشن ۽ ٽينٽ ڏنا وڃن.