حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس رڪشا هلائيندڙ نينگر کي اغوا ڪري رڪشا ڪاهي ويندڙ جوابدار کي مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. جوابدار جي سڃاڻپ انور ڏاهاڻي جي نالي سان ٿي. مقابلو بلديا ٿاڻي جي حد جي الخير هائوسنگ سوسائٽي ويجهو ٿيو. پوليس موجب جوابدار جا ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا. زخمي جوابدار کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايڇ او بلديا زياد نوناري جو چوڻ آهي ته جوابدار انور ڏاهاڻي ۽ سندس هڪ ساٿي 22 آگسٽ تي رات جو هڪ نينگر انتظار جمالي جو رڪشا پيٽارو لاءِ ڀاڙي تي ڪرايو ۽ پيٽارو ويجهو جوابدارن نينگر انتظار جمالي پٽ غلام شبير جمالي کان هٿيارن جي زور تي رڪشا ڦر ڪيو ۽ نينگر کي رسي سان ٻڌي جهنگ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. پوليس مطابق جوابدارن جي ڳولا جاري هئي. گذريل رات جوابدار انور ڏاهاڻي پنهنجي ساٿين سان گڏ الخير هائوسنگ سوسائٽي وٽ موجود هو ته ان جو پوليس سان مقابلو ٿي پيو. جوابي فائرنگ ۾ انور ڏاهاڻي زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.