جهڏو (ن پ ا) جهڏو ڀرسان پرڻيل عورت زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو، وارثن جو چوڻ آهي عورت تي ساهراتشدد ڪندا هئا، جنهن ڪري هن بيزار ٿي خودڪشي ڪئي آهي، خبر موجب ڳوٺ منظور علي شاهه واسڻ شادي شده عورت رامي زال رامچند ڪولهي زهريلي دوا پي ڇڏي، جنهن کي جهڏو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان وارث کيس ڊگهڙي اسپتال کڻائي وڃي رهيا هئا ته هن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، عورت جو لاش جهڏو اسپتال آڻي ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ناري جي مڙس ٻڌايو ته مون زال کي پري وڃي گاهه ڪرڻ کان روڪيو، جنهن تان ڪاوڙجي هن اهڙو انتهائي قدم کنيو، ٻئي پاسي عورت جي ڀاءُ دولت ڪولهي الزام هڻندي چيو ته سندس ڀيڻ کي ساهرا تنگ ڪندا هئا ۽ مٿس تشدد ڪري ظلم ڪيو ويندو، جنهن ڪري هن تنگ اچي آپگهات ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جاچ ڪئي پئي وڃي،