حيدرآباد(بيور رپورٽ) هيرآباد جي علائقي ۾ معصوم نياڻي زاليا جو قاتل ڄاڻائي مبينا مقابلي ۾ ماريل جوابدار اساما قريشي جو لاش دفن ڪيو ويو. پوليس لاش جوابدار جي ڀاء وصول ڪيو. لاش علائقي ۾ پهچڻ تي قتل ٿي ويل نينگري جي وارثن اعتراض ڪيو جنهن تان علائقي ۾ ڇڪتاڻ به پئدا ٿي. معصوم زاليا جي وارثن جو  موقف هو ته نينگري جي قاتل جي لاش کي علائقي ۾ نه آندو وڃي. ڇڪتاڻ جي اطلاع تي پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو آندو جنهن بعد لاش جي تدفين ڪئي وئي. هوڏانهن مارجي ويل جوابدار اسما قريشي خلاف مارڪيٽ ٿاڻي تي پوليس مقابلي جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي. اهو ڪيس سب انسپيڪٽر مجاهد جي فرياد تي داخل ٿيو. فرياد ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار اساما قريشي هيرآباد جي علائقي جي الينا هائيٽس ۾ 7 ورهين جي نينگري زاليا کي فليٽس جي ڇت تي وٺي ويو ۽ کيس بيدردي سان گهٽا ڏيئ ماري ڇڏيو. جوابدار پوليس کي ان ڪيس ۾ گهربل هو. پوليس وٽ پيش ٿيڻ بدران هن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس کيس ميران اسڪول جي گهٽي ۾ گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي هن پوليس پارٽي مٿان فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ ۾ هو مارجي ويو. واضح رهي ته ستن سالن جي نينگري زاليا ڌي فيصل قريشي31 آڪٽوبر تي قتل ٿي هئي. قتل جي جاچ ۾ سندس پاڙيسري اساما کي جوابدار قرار ڏنو ويو هو. پوليس سان مبينا مقابلي ۾ هو گذريل رات مارجي ويو. سندس وارثن پوليس مقابلي کي جعلي قرار ڏيئي احتاج ڪندي نينگري جي قتل جي جاچ ۾ سندس مائٽن کي به شامل ڪرڻ جي گهر ڪئي هئي. اساما جي وارثن جو چوڻ آهي ته کيس پهرين آڪٽوبر تي شام جو 4 بجي گرفتار ڪري ٻئي ڏينهن رات جو قتل ڪيو ويو. سندن اهو به الزام آهي ته نينگري زاليا جا اساما سان تعلقات هئا ۽ انهن تعلقاتن جي بنياد تي کيس پلاند ۾ پوليس هٿان مارايو ويو آهي. ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ انهن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته اساما نينگري جو قاتل هو ۽ فرار جي ڪوشش دوران هو مقابلي ۾ مارجي ويو آهي.