پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ۾ پنج مهينا اڳ قتل ٿي ويل پورهيت جي قبر ڪشائي، عدالتي حڪم تي سول جج جي نگرانيءَ ۾ صلائي ڳوٺ جي قبرستان اندر مقتول شهزادي چاچڙ جي قبر ڪشائي ڪري جزا ورتا ويا. خبر موجب سکر جي عدالت جي حڪم تي پنوعاقل جي سول جج جي نگرانيءَ ۾ مقتول مستري شهزادي چاچڙ جي قبر ڪشائي ڪري جزا ورتا ويا. صلائي چاچڙ جي قبرستان ۾ مقتول جي قبر ڪشائي ڪري جزا ورتا ويا. سٽي ٿاڻي جي حد غريب آباد ۾ پنج مهينا اڳ مستري شهزادي کي پٽ پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان قتل ڪري ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائي ڇڏيو هو، جنهن جي ٻئي ڏينهن تي پوليس مقتول جي پٽ عبدالرحمان کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو هو. گذريل ڏينهن عدالتي حڪم تي ڊاڪٽرن جي ٽيم سول جج جي نگرانيءَ ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ جزا ورتا ويا آھن.