حيدرآباد (بيورو رپورٽ) شهدادڪوٽ-قمبر جي تعلقي ميروخان جي رهواسي ڳوٺ بهادر کوسو ۾ زمين تي قبضي خلاف حيدرآباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مظاهرين جي اڳواڻي ڪندڙ محمد صديق کوسي ٻڌايو ته هو 2010ع جي ٻوڏ ۾ پنهنجو اباڻو شهر ڇڏي قاسم آباد جي سنجر ملاح ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيا. سندن اباڻي ڳوٺ بهادر کوسو ۾ زرعي زمين آهي جنهن تي سندس ذات جي ڪجهه ماڻهن قبضو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته زمين جي معاملي تان سندن تڪرار به ٿيا آهن جنهن بابت علائقي جي کٻڙ ٿاڻي تي اطلاع به ڏنو ويو پر پوليس ڪو تحرڪ نٿي وٺي. علائقي جي ڪجهه ماڻهن فيصلا به ڪيا جيڪي سندس حق ۾ آيا آهن. هن گهر ڪئي ته سندس ٻني تي قبضي جي معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻس انصاف ڪيو وڃي.