فريدآباد(ن پ ا) فريد آباد ۾ ٻوڏ متاثرن جي سهائتا نه ٿيڻ خلاف مظاهرو ڪيو ويو. ان ڏس ۾  ڳوٺ غلام حيدر بگٽي، خدابخش خاصخيلي ۽ کھڙا وليج جي ٻوڏ متاثرن ميھڙ فريدآباد روڊ تي ارباب کوسو، فداحسين کوسو، امداد خاصخيلي، مٺو خاصخيلي، لطيف کوسو، اختيار کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو، هنن چيو ته راڄ واھ، ميھڙ فريدآباد روڊ جي ڪڙن تي پنهنجي گهرن اڳيان بي يارو مددگار ويٺل آھيون، روينيو ميھڙ جي عملدارن جوڊيشل مئجسٽريٽ ميھڙ جي حڪم کي به ٿڏي مستحق ماڻهن کي راشن ٽينٽ ڏيڻ بجاءِ مختيار ڪار، اي سي ميھڙ علائقي جي بااثرن، زميندارن جي بنگلن تي ويهي کين نوازڻ لڳا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته اڃان تائين گهرن ۾ 5 فوٽ پاڻي بيٺل آهي انتظاميه پاڻي نيڪال ڪرڻ سميت کاڌ خوراڪ ۽ صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪوبه قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي، گهرن مان پاڻي نيڪالي لاءِ قدم کڻي راشن کاڌ خوراڪ ٽينٽ ڏيئي رستا بحال ڪري واھر ڪئي وڃي.