شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ ايس يو پي پاران ٻوڏ متاثرن جي وارهر نه ٿيڻ خلاف  ريلي ڪڍي  ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن رمـيز راجا تونيو، آصف مگسي، الھداد خشڪ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته   سرڪار طرفان ٻوڏ متاثرن کي ھن وقت تائين راشن، خيمن سميت ڪنهن به قسم جي ڪا امداد نه ڪئي آهي، ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار ويٺل آهن،   من پسند ماڻهن کي نوازيو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.