حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي گهانگهرا موري ڀرسان اڪرم واهه مان پيرسن جو لاش مليو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو.  ايس ايڇ او هوسڙي غلام مصطفيٰ عاقلاڻي جو چوڻ آهي ته 65 سالن جو پيرسن صبح جي ٽائيم تي واهه ۾ ڪريو جنهن دوران هو ٻڏي فوت ٿيو. سندس ٻڏڻ بابت اتي موجود ماڻهن پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن بعد انهن پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو. ايس ايڇ او موجب لاش جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي ان لاءِ فوتي جون فنگر پرنٽس ڪرايون ويون آهن ته جيئن نادرا مان سندس سڃاڻپ ٿي سگهي. فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد پوليس مرده خاني ۾ امانت طور رکرائي ڇڏيو آهي.