حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ٻهراڙي جي علائقي آزاد نگر جي رهواسي وزير اوڏ پنهنجي ٻن معصوم ٻارن سان گڏ ٻه سال اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل زال، 2 نياڻين ۽ هڪ پٽ جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي هن الزام هڻندي چيو ته 2 سال اڳ علائقي جي بااثر شخص سندس زال حسينا، نياڻين ڪويتا،نشا ۽ پٽ ڪرشن کي اغوا ڪري ويو، جن کي ٻه سال گذرڻ باوجود پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. هن چيو ته احتجاجن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي زال ۽ ٻارن کي بازياب ڪرايو وڃي.