ڪشمور (رپورٽ: ايم شريف ڄامڙو) ڪشمور ويجهو اڳوڻي ٽائون ڪاميٽي چيئرمين ۽ سندس ڀاءُ ۾ ھلندڙ ملڪيت جو تڪرار خوني تڪرار ۾ تبديل، چاچن جي فائرنگ ۾ ڪراچي ۾ پڙهندڙ ھڪ ڀائٽيو قتل، ٻيو زخمي، امڙ ۽ والد صدمي ۾ بيھوش. خبر موجب ڳوٺ علي محمد کوسو ۾ اڳوڻي ٽائون ڪاميٽي چيئرمين اسرار کوسو ۽ سندس ڀاءُ احسان کوسو ۾ ھلندڙ ملڪيت جو تڪرار خوني تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو آهي، ڪالهه احسان کوسو ۽ سندس ڀائٽين ۾ زرعي زمين جي پاڻي جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران چاچن جي فائرنگ ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ نوجوان جاويد کوسو مارجي ويو، جڏهن ته سندس ڀاءُ جميل کوسو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميار خان نيو ويو. هوڏانهن فائرنگ ۾ ٻئي ڌر جا منظور کوسو، ظھور کوسو، حميد چانڍيو ۽ آصف بروهي زخمي ٿي پيا جن کي تعلقه اسپتال ڪشمور مان طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ رحيميار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو. اطلاع تي پوليس جھيڙي واري هنڌ پهچي ڌرين ۾ ھلندڙ فائرنگ بند ڪرائي. مارجي ويل نوجوان جي پيءُ احسان کوسو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڀائرن اڳرائي ڪري منهنجي پٽن مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ھڪ پٽ قتل ٿي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو آهي، ھن چيو ته ڀائرن اسرار کوسو، منظور کوسو، نياز کوسو ۽ سندن ساٿي ھٿياربندن پنهنجي زمين تي ويٺل منهنجي پٽن مٿان سڌي فائرنگ ڪئي، ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ٽائون ڪاميٽي چيئرمين اسرار احمد کوسو جو ڀاءُ احسان کوسو سان پراپرٽي معاملي تان تڪرار ھلندڙ ھو، جنهن تان واقعو پيش آيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.